ٽپال ٽڪلي

ٽپال ٽڪلي

ٽپال ٽڪلي

ٽِپال ٽڪلِي: ٽپال کاتي يا روينيو محصول طور استعمال ٿيندڙ چٽڪيءَ کي ٽڪلي چئبو آهي. ٽپال جون ٽڪليون اهڙي کونئر لڳل ليبل وانگر آهن، جيڪي خطن يا پارسل تي لڳايون وينديون آهن. اهي ٽڪليون ان ادائيگي کي ظاهر ڪنديون آهن. جيڪا اها ٽپال پهچائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي. ٽپال جي ٽڪلي جاري ڪرڻ جي تجويز سڀ کان پهرين برطانيا جي هڪ اسڪول ماستر رولينڊ هل 1837ع ۾ ڏني. کيس اهڙي بهترين ۽ قابل عمل تجويز پيش ڪرڻ تي نائٽ يا نواب جو اعزاز ڏنو ويو. اها تجويز پيش ڪرڻ کان اٽڪل هڪ صدي اڳ يورپ جي مختلف حصن ۾ اخبارن تان ٽيڪس اوڳاڙڻ لاءِ پڻ اهڙيون ڇپيل نشانيون جاري ڪيون ويون هيون. رولينڊ هل ٽپال جي ٽڪليءَ جو تصور اتان ورتو.
رولينڊ هل جي ڏنل تجويز تي ڳوڙهي سوچ ويچار کان پوءِ پهرين مئي 1840ع تي برطانيا طرفان دنيا جي پهرين ٽپال جي ٽڪلي جاري ڪئي وئي. جنهن جي قيمت هڪ پيني (سڪو) هئي. ان ڪري ان ٽڪليءَ کي سڏيو ئي Penny Black ويو. ان تي راڻي وڪٽوريا جو پورٽريٽ ڇپيل هو. ان کان پوءِ برطانيا ۾ جيڪي به ٽپال جون ٽڪليون جاري ٿيون. انهن تي ان دور جي شاهي حڪمران جا پورٽريٽ ڇپيل هئا. 8 مئي 1840ع ۾ ٻه پينس جي هڪ ٻي ٽڪلي جاري ڪئي وئي. جنهن تي راڻي وڪٽوريا جو نيرو پورٽريٽ ڇپيل هو. اهي ٻئي ٽڪليون ايترو ته مقبول ٿيون. جو ماڻهن نه صرف انهن کي ٽپال جي استعمال لاءِ خريد ڪيو پر ڪيترن ماڻهن اهي يادگار طور پاڻ وٽ رکڻ لاءِ خريد ڪيون. تڏهن کان ئي ٽڪلين کي وندر طور گڏ ڪرڻ جي شروعات ٿي.
1860ع تائين ٽپال جون ٽڪليون برطانيا ۾ ڪاميابيءَ سان استعمال ٿينديون رهيون. جنهن کي ڏسي ٻين ملڪن به ٽپال جون ٽڪليون جاري ڪرڻ شروع ڪيون. برطانيا جي جاري ڪيل ٽڪلين وانگر انهن ٽڪلين جي ڊزائين به ساڳي رکي وئي ۽ انهن تي گهڻو ڪري ملڪي سربراهن جون تصويرون ڇپيل هونديون هيون، يا قومي نوعيت جي تصوير ڪشي ٿيل هوندي هئي. اڳتي هلي ڪن خاص ۽ اهم موقعن ۽ واقعن جي مناسبت سان پڻ ٽڪليون جاري ڪيون ويون.
آمريڪا ۾ سڀ کان پهرين سرڪاري طرح ٽپال جون ٽڪليون 1847ع ۾ جاري ڪيون ويون. جن مان 5 سينٽ جي ٽڪليءَ تي بنجامن فرينڪلن ۽ 10 سينٽ جي ٽڪليءَ تي پهرئين صدر جارج واشنگٽن جا پورٽريٽ ڇپيل هئا.
مشهور ٽڪليون: هڪ سينٽ جي اٺ ڪنڊي ٽڪلي، جنهن تي ”ڊيمپريرا“ (هاڻوڪو جارج ٽائون) 4 اپريل 1856ع لکيل هو. اها دنيا جي سڀ کان قيمتي ۽ مشهور ٽڪلي ثابت ٿي. ڇا ڪاڻ ته 1980ع ۾ نيويارڪ ۾ ٿيل هڪ نيلام ۾ اها 9 لک، 35 هزار ڊالرن ۾ وڪامي وئي. ان وقت تائين وڪرو ٿيل ٽپال جي ٽڪلين ۾ اها گهڻي ۾ گهڻي قيمت ۾ وڪامجندڙ ٽڪلي هئي. ان کان پوءِ 1989ع ۾ چئن ٽڪلين جو هڪ بلاڪ 10 لک ڊالرن ۾ نيلام ٿيو. اها ان وقت تائين آمريڪا ۾ عام نيلام وسيلي وڪرو ٿيل ٽڪلين ۾ گهڻي ۾ گهڻي قيمت هئي. ڪنهن هڪ ئي واقعي جي يادگار طور مختلف ٽڪليون جاري ٿين. تن کي Omnibus Stamps سڏيو وڃي ٿو. هيستائين دولت مشترڪه پاران Omnibus ٽڪلين جو سڀ کان گهڻو تعداد جاري ڪيو ويو آهي. انهن مان 1935ع جي جارج پنجون سلور جوبلي سيريز ۽ هڪ ٻي سيريز 29 جولاءِ 1981ع ۾ شهزادي چارلس ۽ ليڊي ڊائنا جي شاديءَ جي يادگار طور شروع ڪئي وئي.
ٽپال جون ٽڪليون گڏ ڪرڻ، هڪ شوق، هڪ وندر: ٽپال جون ٽڪليون گڏ ڪرڻ دنيا جي ماڻهن جو هڪ وڏو شوق ۽ وندر پڻ آهي. هن وقت دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو پنهنجي ان شوق ۽ ذوق جي تسڪين لاءِ ٽڪليون گڏ ڪن ٿا. انهن ٽڪلين ۾ تاريخي ريڪارڊ، جاگرافي، سياست، آرٽ ۽ انساني تهذيب جي انيڪ رخن کي ظاهر ڪندڙ مواد شامل هوندو آهي.
تنظيمون ۽ اشاعتي ادارا: جانس ٽائون (پينسلوانيا) ۾ آمريڪن ٽاپيڪل ايسوسيئيشن، آمريڪا ۽ ٽڪليون گڏ ڪندڙن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم آهي. ان تنظيم پاران ”ٽاپيڪل ٽائيم“ نالي هڪ ماهوار رسالو پڻ شايع ڪيو وڃي ٿو ۽ خاص هينڊ آئوٽ پڻ جاري ڪيا وڃن ٿا. اولهه ۾ ٽڪليون گڏ ڪندڙن جي سڀ کان وڏي تنظيم جو نالو ”آمريڪن فلاٽيلڪ سوسائٽي (APS) آهي، جيڪا اسٽيٽ ڪاليج پينسلوانيا ۾ آهي. هن تنظيم پاران هڪ ماهوار رسالو پڻ شايع ڪيو وڃي ٿو.
”سنڌ ڊاڪ“ جي نالي سان ٽپال جو کاتو سر بارٽل فريئر جي دور ۾ شروع ٿيو ۽ پهرين جولاءِ 1852ع تي پهرين ٽڪلي جاري ڪئي وئي ۽ سال 1854ع ۾ سڄي هندوستان ۾ ٽپال موڪلڻ لاءِ ٽڪليءَ جو استعمال باقاعده شروع ڪيو ويو. اهي ٽڪليون برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان جاري ڪيون ويون هيون، جيڪي دي لارا نالي ڪلڪتي جي هڪ پريس ۾ ڇپيون هيون.


لفظ ٽپال ٽڪليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو